سيد شوڪت علي شاهه عرف بابو شاهه

سيد شوڪت علي شاهه عرف بابو شاهه: نامور سياستدان سيد شوڪت حسين شاهه عرف بابو شاهه ولد سيد شير علي شاهه، 4 فبروري 1953ع تي ڳوٺ ٽيماڻي، تعلقي سجاول، ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. هن 1970ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپوربٺوري مان مئٽرڪ پاس ڪئي، بعد ۾ هن پاڪستان پپيلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي. پارٽيءَ جي محنتي ورڪر هئڻ ڪري کيس عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو.
1983ع ۾ جڏهن ايم. آر. ڊي تحريڪ شروع ٿي ته شاهه صاحب انهيءَ ۾ اڳواڻ طور سامهون آيو ۽ تحريڪ کي وڌ ۾ وڌ منظم ڪيائين. هن سجاول شهر ۾ هڪ وڏي جلوس جي اڳواڻي ڪري گرفتاري پيش ڪئي. هن تحريڪ ۾ حصي وٺڻ تي کيس هڪ سال قيد ۽ ٻه لک روپيا ڏنڊ جي سزا پڻ ٻڌائي وئي، جيڪا هو ڀوڳي آيو. ان قربانيءَ سندس سياسي قد ڪاٺ ۾ اضافو ڪيو. 1986ع ۾ کيس ٻيهر گرفتار ڪيو ويو، پر هو پنهنجن اصولن تي قائم رهيو.
مارشل لا جي طويل عرصي کانپوءِ 1988ع وارين چونڊن ۾ هُو صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. سجاول وارن کي اها شڪايت رهي ته شاهه صاحب کي پارٽيءَ لاءِ ڏنل قربانين جو ڪو صلو نه مليو. 1990ع واري اليڪشن ۾ هُو ٻيو ڀيرو صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو، ان وقت جي وزيراعلى ڄام صادق عليءَ کيس پنهنجي گروپ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ زور رکيو، پر هو انهن ئي ڏينهن ۾، 08 نومبر 1990ع تي دل جي دورو پوڻ ڪري وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.02.04  عيسوي

نامور سياستدان سيد شوڪت حسين شاهه عرف بابو شاهه ولد سيد شير علي شاهه، 4 فبروري 1953ع تي ڳوٺ ٽيماڻي، تعلقي سجاول، ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.


1990.11.08  عيسوي

سيد شوڪت علي شاهه 08 نومبر 1990ع تي دل جي دورو پوڻ ڪري وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جوليان پال اسانج
ڇٻلاڻي ايڇ ايل
سميع الله ڪلهوڙو
ابڙو الياس پروفيسر
ٿڌارام ڪيولرام سامتاڻي
ابڙو خدا بخش
امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي
سيد محبوب علي شاهه1
چاڳلا غلام علي
سيد غلام قادر شاهه ثاني نصرپوري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون